درد، علي محمد سولنگي

درد، علي محمد سولنگي

درد علي محمد سولنگي

درد، علي محمد سولنگي: نئين ٽهيءَ جو نوجوان شاعر علي محمد ’درد‘ ولد مير محمد سولنگي 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد، ڦلجي اسٽيشن، تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ ڦلجي اسٽيشن هاءِ اسڪول مان، ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ڪيائين. ان کان سواءِ پي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس پڻ ڪيل اٿس. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاران ڪئي. سندس شاعري، مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. علي محمد سولنگي شاعر، نثر نويس سان گڏ پبلشر ۽ ايڊيٽر پڻ آهي. هن دادو شهر مان ’خوشبو‘ مئگزين جاري ڪئي. بعد ۾ ’نئين خوشبوءِ‘ مئگزين جاري ڪيائين. جنهن جا ڪيترا شمارا جاري ٿيا، ان کانسواءِ ماهوار ’سونهن‘ اسلام آباد جو سب ايڊيٽر، ماهوار اردو رسالي ’دوستي‘ جو باني پڻ رهيو. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. علي محمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ آهي ۽ ڪئسٽي شاعر آهي. هن 2012ع ۾ ثقافتي ادبي فورم دادو جو بنياد وڌو. هيءُ قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ٻار گلن جا هار (ٻاراڻي شاعري: 2005ع)، چاهتن جا گلاب (شاعري) 2006ع، چاهتن جي موٽ (شاعري) 2008ع، هڪ شام جو الميو (ڪهاڻيون) 2012ع قابل ذڪر آهن. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. جن ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڪتاب ’ٻار گلن جا هار‘ تي 2005ع اوارڊ، ماهوار هالار طرفان سرٽيفڪيٽ، روزاني فاسٽ ٽائيم لاڙڪاڻي طرفان بهترين شاعر اوارڊ شامل آهن. هيءَ هن وقت دادو ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.11.21  عيسوي

نئين ٽهيءَ جو نوجوان شاعر علي محمد ’درد‘ ولد مير محمد سولنگي 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد، ڦلجي اسٽيشن، تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير صوبدار خان مير ٽالپر
سيد فاضل شاهه فاضل
آتش سنڌي
جعفر جاني
ميرغلام الله خان ٽالپر شاهواڻي
رئيساڻي جي ايم
احمد فقيرمستان
الياس عشقي ڊاڪٽر
گل محمد رند
صمد ساز رضوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون